ڊاڪٽر روشن گولاڻي

ڊاڪٽر روشن گولاڻي

روشن گولاڻي ڊاڪٽر

روشن گولاڻي،ڊاڪٽر: هندستان ۾ رهندڙ برک سنڌي اديب ڊاڪٽر روشن جو مڪمل نالو ڊاڪٽر روشن لکميچند گولاڻي آهي. سندس جنم 29 مئي 1972ع ڌاري، احمد آباد (هندستان) ۾ سنڌ مان لڏي ويل هڪ سنڌي گهراڻي ۾ ٿيو. هن، ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ بعد بي- اي(معاشيات) گجرات يونيورسٽي مان، ايم- اي (سنڌي) ممبئي يونيورسٽي مان ۽ ڊاڪٽريٽ (Ph.D) جي ڊگري مهارشي ديانند سرسوتي يونيورسٽي، اجمير مان حاصل ڪئي. علمي ادبي ميدان ۾ سندس سڃاڻپ شاعر، مترجم، ڪالم نگار ۽ ليکڪ طور ڪئي وڃي ٿي. سندس ادبي مقالا ۽ مضمون وقت به وقت مختلف ادبي رسالن توڙي مخزنن جهڙوڪ:’ادبي چمن‘، ’باغ بهار‘، ’سنڌو مشعل‘، ’رهاڻ‘، ’سنڌي ٻولي‘ (سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جو ڇهه ماهي تحقيقي جرنل)،’زرمر‘، ’مهڪ‘،’سپون‘،’ڪونج‘،’ڇوليون‘، ’سنڌيا‘، ’ڦلواري‘، ’راشٽر پريم‘، ’سچائي‘ ۽ ’مهراڻ‘ وغيره ۾ ڇپجندا رهن ٿا.پاڻ، سنڌي ساهتيه اڪيڊمي، گجرات جي ايڊوائيزري بورڊ جو ميمبر،سينٽر فار ڪلچرل رسورسز اينڊ ٽريننگ جي ريسرچ فيلو شپ ڪاميٽيءَ جو ميمبر، سنڌي اسٽڊيز، گجرات جي بورڊ جو ميمبر، سنڌي ٻولي(تحقيقي جرنل) جي ماهراڻي ڪاميٽيءَ جو ميمبر، سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي جي تحقيقي مخزن ’سنڌي ادب‘ جي ماهراڻي ڪاميٽيءَ جو ميمبر، سنڌ يونيورسٽي طرفان جاري ٿيندڙ’قليچ‘ تحقيقي جرنل جي ماهراڻي ڪاميٽيءَ جو ميمبر، ڀارتيه سنڌو سڀا جو ٽرسٽي، ’اکل ڀارت سنڌي ٻولي ساهت پرچار سڀا‘ جو سيڪريٽري، اسٽيج گروپ (ثقافتي گروپ)، احمد آباد جو سيڪريٽري، آل انڊيا سنڌي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جو ائگزيڪيوٽو ميمبر ۽ سنڌي لوڪ ساهتيه- ڪلاڪيندر جو جنرل سيڪريٽري آهي. سندس لکيل ۽ ڇپيل تصنيفن ۾: سنڌو ورثو(1994ع)، رنگ برنگي گل (ٻاراڻا نظم)، مٺڙي مٺڙي لات (ٻاراڻا نظم)، روشن آواز (گيت ۽ غزل، 2011ع)،روشن تارا (ٻاراڻا نظم، 2012ع)، لوڪ ادب تي ڪيل ڊاڪٽر ڄيٺي لعلواڻي جي تحقيق جو تنقيدي ۽ تحقيقي جائزو (2014ع)، رنگ برنگي پوپٽ (ايڊٽ ڪيل، 2014ع)، ادبي تبصرا (ايڊٽ ڪيل)، سنگهه درشن(ترجمو)،سنڌي ادبي اخبار نويسي(2015ع)،روشن ٻاراڻا ٻول (ٻاراڻا نظم،2015ع)، ٻال گلشن (ٻاراڻا نظم،2017ع)، ادبي تنقيد (ايڊٽ ڪيل،2017ع)، مور نچي ٿو (ٻاراڻا نظم، 2018ع)،ڪاريون هاشيون (مختصر ڪهاڻيون-ترجمو، 2018ع)، ڪاغذ جي ٻيڙي (ٻاراڻا نظم،2018ع)، هيرو ٺڪر:ٻهومکي شخصيت (ترتيب 2019ع)، اندر ڀوڄواڻي ڪُل ڪلام (ترتيب، 2019ع)، پياس دل جي (غزل، 2020ع)، ۽ سنڌي ادب جا ٻھڪندڙ ستارا، باغ بهار (ٻاراڻو ادبي مخزن، 2020ع) شامل آهن. سندس لکڻين مان ’سنڌو ورثو‘، ’رنگ برنگي گل‘، ’مٺڙي مٺڙي لات‘، ۽ ’روشن آواز‘ کي سنڌي ساهتيه اڪيڊمي، گجرات حڪومت طرفان اوارڊ ملي چڪا آهن. ان کانسواءِ گجرات حڪومت طرفان يووا گورَو اوارڊ 2008ع، احمد آباد ميونسپل ڪارپوريشن پاران ناگرڪ سمان2013ع ۽ ساهتيه اڪيڊمي طرفان ٻال ساهتيه اوارڊ 2017ع پڻ ماڻي چڪو آهي. پاڻ هن وقت علمي ادبي ميدان ۾ نهايت سرگرم آهي ۽ احمد آباد (هندستان) ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1972.05.29  عيسوي

هندستان ۾ رهندڙ برک سنڌي اديب ڊاڪٽر روشن جو مڪمل نالو ڊاڪٽر روشن لکميچند گولاڻي آهي. سندس جنم 29 مئي 1972ع ڌاري، احمد آباد (هندستان) ۾ سنڌ مان لڏي ويل هڪ سنڌي گهراڻي ۾ ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

قابل ڏاهري
حبيب الله مرزا ڊاڪٽر
خواند مير
وينا شرنگي
عبدالحق مولوي
دادا سنڌي
پنهل ڏهر
شاهد احمد دهلوي
حميد ڀٽو
ديوي ناگراڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون